تاريخ بڪار جاگير

تاريخ بڪار جاگير (ڪتاب ):هن ڪتاب جو قلمي نسخو سنڌيءَ ۾ سيد نبي بخش شاهه بڪاريءَ جي تاليف آهي. قلمي نسخي جو ڪاتب پڻ شاهه صاحب پاڻ آهي. نهايت ئي سهڻو عربي سنڌي خط نسخ استعمال ڪيو ويو آهي. 9 x12 جي سائيز جو هيءُ ڪتاب 440 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي لکڻ جي ابتدا 1 صفر 1367هه / 15 ڊسمبر 1947 تي ٿي ۽ ان جو اختتام 20 ذوالقعد 1367هه مطابق 24 سيپٽيمبر 1948ع تي ٿيو. هيءُ ڪتاب ڏهن بابن ۾ ورڇيل آهي. شاهه صاحب ڪتاب لکڻ جو مقصد هن ريت ڄاڻايو آهي:
”هن ڪتاب ۾ رضوي سيدن جي انهيءَ شاخ جو مفصل بيان ڪيو ويو آهي، جن کي وقت جي حڪمرانن طرفان ”بڪار“ وارو علائقو جاگير طور ڏنو ويو هو.“
ڪتاب جي منڍ ۾ ”ارشاد نامي“ جي عنوان سان سيد رحم علي شاهه فضل آباديءَ جو مقدمو آهي، جو پنهنجي جاءِ تي وڏيءَ اهميت وارو آهي. شاهه صاحب مقدمي ۾ نهايت عالمانه انداز ۾ تاريخ جي فن تي روشني وڌي آهي. ساڳئي وقت ” رضوي سادات“ جو مختصر مگر جامع تبصرو به ڏنو ويو آهي. مقدمي ۾ هيٺين تاريخي ڪتابن جا حوالا ملن ٿا، جن مان مقدمي نگار جي علميت ۽ تاريخ جي فن تي مهارت جو پتو پوي ٿو: ربيع الابرار، تاريخ الآئمه، مقدمه ابن خلدون، تاريخ ڪامل ابن اثير، تاريخ ابوالفداء، روضةالصفا، تاريخ خطيب بغدادي، بحارالانوار، حق اليقين، تاريخ طراز، تاريخ ناسخ وغيره. ان کان سواءِ حديث جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا ويا آهن. هيءُ مقدمو 69 صفحن تي مشتمل آهي.
مقدمي کان پوءِ سڀ کان پهرين ”رضوي سادات“ جي خانداني احوال تفصيلي طرح ڏنو ويو آهي. اهو تذڪرو پنهنجي جاءِ تي نهايت قيمتي آهي ۽ ان مان ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ملن ٿيون، جن جو سنڌ جي تاريخ سان ڪافي ڳانڍاپو نظر اچي ٿو. ازانسواءِ، ”بڪارجاگير ۾ موجود مختلف ڳوٺن، واهڻن ۽ قومن وغيره جو تاريخي پس منظر به بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ وقت جي بادشاهن، جھڙوڪ محمد شاهه، جهاندار ۽ بکر جي مغل گورنرن کان سواءِ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي، مير سهراب خان ٽالپر ۽ انگريز حاڪمن جا جاگير جي باري ۾ ڏنل فرمان به موجود آهن. بکر جي مغل گورنر، نواب سيد مير يعقوب علي خان رضويءَ جي باري ۾ پڻ ڪافي ذڪر ملي ٿو. آخر ۾ ڪتاب جي مؤلف مغل گورنر، نواب سيد نبي بخش شاهه بڪاري روهڙي شهر جي باري ۾ هڪ سنڌي شعر ڏنو آهي، جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته شاهه صاحب شاعريءَ جو ذوق به رکندڙ هو. هيءَ قلمي نسخو، مؤلف جي فرزند سيد صالح شاهه، وڪيل، ساڪن روهڙيءَ وٽ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو